امان الله شيخ

امان الله شيخ: مضمون نويس، ترجمي نگار، وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن الله شيخ'>امان الله شيخ، لاڙڪاڻي جي ڪرما باغ پاڙي جي ڪوڪڙي گهٽيءَ ۾، 15 سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙي محلي مان ۽ ثانوي تعليم، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. ايس سي ڪرڻ کان پوءِ، ايم. ايس سي ڪميسٽريءَ ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ پھتو، جتي قومي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصي وٺڻ ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، جنھنڪري ايم. ايس سي مڪمل نه ڪري سگهيو. هن ٻوليءَ جي لسٽن، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، جيئي سنڌ هلچل ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽيائين. هو جيئي سنڌ نوجوان محاذ، سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ۽ جساف جو بنيادي ميمبر ۽ پھريون مرڪزي نائب صدر، نئشنل ڊئموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، پاڪستان نئشنل پارٽيءَ جو مرڪزي آرگنائيزر، (جناب غوث بخش بزنجي جي وفات کان پوءِ، پارٽيءَ جو سربراهه)، پيپلزپارٽي (ش. ڀ) جو مرڪزي اڳواڻ رهيو آهي. هيءُ مقرر، ترجمي نگار ۽ مضمون نويس آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’انقلابن جي تاريخ‘ (ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو، 1983ع)، ’ڏونگر نيٺ ڏرن‘ (غلام هيروز جو ترجمو، 1985ع)، ’جيئن جيئن تپي ڏينھن‘ (ڪالم: 1999ع)، ’سنڌ بچايو براعظم بچايو‘ (محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب جو ترجمو) ۽ ’سنڌ جي سنسار کي بدلائجي‘ (2023ع) شامل آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ وڪالت ڪري ٿو.


لفظ امان الله شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.09.15  عيسوي

مضمون نويس ، ترجمي نگار ۽ سياسي ڪارڪن امان الله شيخ ، لاڙڪاڻي جي ڪرما باغ پاڙي جي ڪوڪڙي گهٽيءَ ۾ ، 15 سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق سومرو
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
ظهير ڪاشميري
انڍڙ رفيق احمد
سيد ميران محمد شاهه مير مهجور ٽکڙائي
پير بخش فاروقي،دلريش
جڳت پتي جوشي
پنا لال بي ڪشوراڻي
دولت خان پنيو
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون